اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به چئلينج درپيش ناهي، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي واضح اڪثريت موجود آ??ي، ظاهر ۾ عدلت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران انهن کي ٻيهر لکيو آهي، ان فيصلي جي ڪري ڪيترائي قانوني ۽ آئيني مونجهارا پيدا ٿيا آهن، پي ٽي آءِ کي ??هو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه، وفاقي ڪابينا جي فيصلي ۽ متاثر سياسي پارٽين جي مشاورت جي روشني ۾ ??ظر??اني اپيل بابت فيصلو ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ نيوز ڪانفرنس کي ??طاب ڪندي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير چيو ته فيصلي سان ڪيترائي قانوني ۽ آئيني جهولن ۽ سوالن جنم ورتو آهي، آرٽيڪل 51 تحت ٽن ڏينهن جي شرط جو ڇا ٿيندو؟ تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن جو موقف هو ته مخصوص سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي ملڻ گهرجن، ظاهر ۾ عدالت آرٽيڪل 51 ۽ 106 جي تشريح بدران ان کي ٻيهر لکيو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته مخصوص سيٽن بابت قانون موجود آ??ي، سيٽون سني اتحاد ڪائونسل کي وڃي سگهن ٿيون، ڪيس ۾ پي ٽي آءِ ته ڌر ئي نه هئي، تحريڪ انصاف جي آزاد ميمبرن کٽڻ کانپوءِ ڪنهن فورم سان رابطو ئي نه ڪيو، سني اتحاد ڪائونسل غير مسلم کي پنهنجو ميمبر تسليم نٿي ڪري تنهن ڪري ان جي منشور موجب کين اقليتي سيٽون نه ملڻ گهرجن. اعظم نذير تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ڪڏهن نه چيو ته سندس پارٽي کي مخصوص سيٽون ڏنيون وڃن. ان عدالتي فيصلي جي دائري اختيار جو ڪو به مثال نٿو ملي، ان فيصلي جي ڪري ڪيترائي جهول پيدا ٿيا آهن، ظاهر آهي ته ان تي آئيني ۽ قانوني ماهرن جي ??اء?? سامهون ايندي رهندي. تفصيلي فيصلو اچڻ تائين وڌيڪ ??اء?? ڏيڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته ??ظر??اني اپيل بابت آئون ذاتي طور تي ??اء?? نٿو ڏئي سگهان، هي معاملو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ان جي فيصلي کانسواءِ نٿو چئي سگهان ته ??ظر??اني اپيل داخل ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته بهترين عدالتي فيصلا اهي ئي هوندا آهن جن تي چپ نه چرن، عدالتي فيصلي سبب جهول ۽ سوال جنم ورتو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان آئيني معاملي کي ??ياست سان نه جوڙيندس، حڪومت وٽ 209 ميمبرن جي اڪثريت موجود آ??ي، بجيٽ اجلاس ۾ به حڪومتي بينچن ۾ ميمبرن جي اڪثريت هئي. قانوني ڪارروائي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي پارٽين جي مشاورت سان ??ظر??اني اپيل ۽ قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو. سياسي پارٽيون پنهنجي پنهنجي مجلس عامه ۾ ويهي به ان معاملي کي ڏسنديون. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي ??هو رليف مليو جيڪو هن گهريو ئي نه.
سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت کي ڪو به چئلينج ناهي: وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج