اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي چيئرمين ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي ??زي?? خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر محمد فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق، جاويد حنيف ۽ عبدالحفيظ شامل هئا. ا?? موقعي تي نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي ??زي?? سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ??زي??اعظم جو سياسي معاملن ۽ بين الصوبائي رابطن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. ??زي??اعظم چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان حڪومت جي انتهائي اهم اتحادي پارٽي آهي، ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حوالي سان اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ڪراچي ملڪ جو اهم ترين شهر ۽ ملڪ جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شهر جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ??زي??اعظم چيو ته ملاقات ۾ مالي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ تي پڻ مشاورت ٿي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وفاقي بجيٽ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ??زي??اعظم متحده قومي موومينٽ پاران بجيٽ تجويزن جي آجيان ڪئي.
وزيراعظم پاران ايم ڪيو ايم جي بجيٽ تجويزن جي آجيان، ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اتحادي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪنداسين: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔