اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرتگال ۽ ميانمار جي لاءِ پا??ستان جي نامزد سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب پرتگال جي لاءِ نامزد پا??ستاني سفير ڊاڪٽر محمد خ??لد اعجاز سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پا??ستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ واپار وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، پا??ستان معاشي ۽ واپاري سرگرمين جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، غيرملڪي سيڙپڪار پا??ستان جي ڪاروبار دوست ماحول مان ڀرپور فائدو کڻن. صدر چيو ته پا??ستان ۽ پرتگال جي وچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻي پوندي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پرتگال جون ڪمپنيون انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پا??ستان جي تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون. صدر پرتگال جي لاءِ نامزد پا??ستاني سفير جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميانمار جي لاءِ نامزد پا??ستاني سفير عمران حيدر سان ڳالهه ٻولهه ڪندي پا??ستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏيندي چيو ته پا??ستان ۽ ميانمار جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري شعبي ۾ رابطا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته پا??ستان جو قديم ٻڌم?? ورثو ٻنهي ملڪن کي سياحتي ۽ ثقافتي ميدانن ۾ وڌيڪ ويجهو آڻي سگهي ٿو. صدر ميانمار ۾ نامزد سفير جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
پاڪستان دوست ملڪن سان واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا