اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي د??پيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان ۽ يقيني بڻ??يو ويندو. جاري پڌرائي موجب اها ڳالهه هن ر??ول??نڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس (آر آءِ يو جي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد جي قيادت آر آءِ يو جي جي صدر سيد قيصر عباس شاهه ڪري رهيو هو. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پرنسپل انفارميشن آفيسر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ صحت ڪارڊ ۽ ايڪريڊيٽيشن ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي آسان بڻ??ئڻ جي د??خواست ڪئي ۽ اخبارن جي مالڪن پاران ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي، صحافين ۽ ريجنل اخبارن کي د??پيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ڊاڪٽر طارق محمود خان وفد کي خاطري ڪرائي ته ريجنل اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ۽ صحافين جي لاءِ صحت ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان بڻ??يو ويندو. هن چيو ته هو صحافين کي د??پيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي نگراني ۾ جامع پاليسي جوڙيندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪيا ويندا. وفد ۾ ملڪ رشيد، راحيل انور سواتي، ضرار فريد، عارف ملڪ، عمران مقصود ۽ مظفر ڀٽي پڻ شامل هئا.
علائقائي اخبارن ۽ صحافين کي درپيش مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا: ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک