اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي م??ڊي?? ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ م??ڊي?? ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع جي لاء?? پنهنجي حمايت جو يق??ن ڏياريو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اها ڳالهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي)، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس)، پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن (پي بي اي)، ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) ۽ ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪس م??ڊي?? ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئ??. و??د ۾ افضل بٽ، ارشد انصاري، ناز آفرين سهگل، سرمد علي، شهاب زبيري، شڪيل مسعود، اعجازالحق، ڪاظم خان، اياز خان ۽ اظهر عباس شامل هئا. صدر م??ڊي?? ورڪرز جي حقن جي تحفظ، پيمرا قانون ۾ ترميمون متعارف ڪرائڻ تي م??ڊي?? برادري جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سرڪاري اشتهارن کي اليڪٽرانڪ ميديا ملازمن جي رهتن جي ادائيگي سان ڳنڍڻ سان انهن جي مسئلن جي حل ۾ مدد ملندي. صدر وفد سان قانونسازي جي مختلف رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ترميمي بل موجوده م??ڊي?? قانون ۾ بهتري آندي آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته م??ڊي?? رضاڪاراڻي طور تي نوجوانن کي فيڪ نيوز، ڊس انفارميشن ب??بت آگاهه ڪري، نوجوان فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، ٻارن کي خاص طور تي فيڪ نيوز جي اثرن ب??بت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته م??ڊي?? خاص طور تي سينيئر صحافي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين سان رابطا وڌائين، سينيئر صحافي صحافت جي ميدان ۾ ٿيندڙ نئين اڳڀرائين ب??بت شاگردن کي آگاهه ڪن. صدر معاشري ۾ مڪالمي ۽ خيالن جي آزاداڻي ڏي وٺ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ميديا جي نئين شڪلين خاص طور تي سوشل م??ڊي?? جي حرڪيات کي سمجهڻ گهرجي، م??ڊي?? جي ذميواري آهي ته ماڻهن کي اخلاقيات، سوشل م??ڊي?? جي ذميواراڻي ۽ تعميري استعمال ب??بت ٻڌائ??. و??د صدر کي نئين بل جي مختلف شقن ب??بت ٻڌايو. هن چيو ته ترميمي بل سان صحافي برادري سان گڏوگڏ م??ڊي?? ملازمن کي فائدو ٿيندو. وفد صدر پاران حمايت، م??ڊي?? ڪميونٽي کي درپيش مسئلن جي حل ۾ دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا.
صدر پاران ميڊيا ورڪرز ۽ صحافي برادري کي پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (ترميمي) بل 2023ع لاءِ پنهنجي حمايت جي خاطري
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil