لاهور – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري مل??زم?? تي زور ڏنو آهي ته ??دم??ن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن، هن باقي دنيا سان رفتار برقرار رکڻ جي لاءِ وقت ۽ تيز فيصلا ڪرڻ جي ضرورت تي زور پڻ زور ڏنو. نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي ۾ 118 هين سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس (ايس ايم سي) ۽ 33 هين نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس (اي?? ايم سي) جي ڪامياب گريجوئيٽس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسلام هڪ ڪميونٽي تي ٻڌل مذهب آهي ۽ ان غريبن جي ??دم?? ڪرڻ ۽ انهن سان انتهائي همدرديءَ ڏيکارڻ تي زور ڏنو آهي. صدر چيو ته هڪ سرڪاري ملازم کي عوام سان رابطو رکڻ گهرجي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ انهن تائين دستياب رهڻ گهرجي، ان اصول تي اسلام جي عظيم خلفاءِ عمل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته سماج جي ڀلائي سرڪاري ملازم جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. صدر سرڪاري مل??زم?? تي زور ڏنو ته اهي ??ڳو??ن عظيم سرڪاري مل??زم?? جي نقش قدم تي هلن ۽ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ منافقت ۽ ڪرپشن جي خلاف مزاحمت جو ذريعو بڻجن. صدر چيو ته قومي ترقي جي لاءِ جديد علم سان هم آهنگ رهڻ به ضروري آهي ۽ بيوروڪريسي کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اي?? ايس پي پي ۽ اين ڊي يو جهڙن تربيتي ادارن جي ڪردار تي روشني وجهندي صدر چيو ته اهي ادارا سرڪاري مل??زم?? جي بهتر تربيت ڪري سگهن ٿا ۽ انتظامي ۽ گورننس جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن کي لاڳاپيل مهارتن سان ليس ڪري سگهن ٿا. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايس ايم سي ۽ اي?? ايم سي جي ڪامياب گريجوئيٽس ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.
سرڪاري ملازم خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ ملڪ ۾ گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لڳاءُ ۽ عزم سان ڪم ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea