اسلام آباد -03 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراع??م اها ڳالهه ترڪيه جي دوري دوران انقره ۾ انادولو ??رو?? جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي قيادت ڪوڪا ڪولا جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪريم ياحي ڪري رهيو هو، وفد ۾ چيف اسٽريٽجي آفيسر ايتلايرليڪايا ۽ ٻيا ۽ اعليٰ اڳواڻ به شامل هئا. وزيراع??م انادولو ??رو?? جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ ان سبب ملڪ ۾ روزگار جي فراهمي کي ساراهيو. وزيراع??م انادولو ??رو?? کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌيڪ وڌائڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ پاڪستان جو ترڪيه ۾ سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی