اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منصوبابندي تحت ڪيو ويو، جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو نه اهو پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي، عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نيب القادر ٽرسٽ ڪيس جي ج??چ ڪري ره??و هو، عمران خان کي ان ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز موڪليا ويا، هو ان ڪيس ۾ پيش نه ٿي ره??و هو. هن کي ان ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻو هو، عمران خان نيب کي گهربل هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن کي جلاءُ گهيراءُ جو ترغيب ڏيندا ره??ا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جيڪو ڪيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، ڇا اهو عوامي ردعمل هو؟ اهو منصوبابندي تحت ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو اڄ چون ٿا ته ڪالهه جيڪو ٿيو اهو اسان ناهي ڪيو، انهن ڪالهه ڇو نه چيو هو ته اهي اسان جا ماڻهو نه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو ڪالهه عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي ره??ا هئا، ان جي ليڊرن انهن کي ڇو نه روڪيو، سياسي پارٽي اهڙو ردعمل ناهي ڏيندي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو به گرفتار ٿيا هئا، نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق ??مي?? ڪيترائي اڳواڻ به گرفتار ٿيا هئا، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو هو ۽ آشيانا ۾ گرفتار ڪيو ويو، اسان ڪڏهن به اهڙو ردعمل نه ڏنو جيڪو پي ٽي آءِ عمران خان جي گرفتاري تي ڏنو آهي. هن چيو ته ان کان اڳ جڏهن زمان پارڪ ۾ پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ وئي هئي ته پوليس وارن تي پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جيڪو ڪري ره?? آهي، اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڏسي ره??و آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ان جو باقاعده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ٻيون ايس او پيز به مڪمل ڪيون ويون. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو اهو نه پاڪستاني آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو شهري آهي. گذريل ڏينهن سرڪاري عمارتن ۽ گهرن تي حملا ڪيا ويا، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ان ڳالهه کي برداشت نه ڪيو ويندو.
عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اهو عوامي ردعمل نه هو، منصوبابندي تحت ڪيو ويو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون