اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪري??ن ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو ??داوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت آهي، هي و??عدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ته آئين کان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪري??ن ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو ??داوو هوندا.
اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado