خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر ??لائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هي هڪ قومي خدمت آهي ۽ قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي تعلقي جي ٻوڏ متاثر ڳوٺ پير گڊو جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لائقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو. وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊ?? اي?? اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ بريفنگ ڏني. اين ڊ?? اي?? اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر ??لائقن مان ٻوڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر ??لائقن مان ٻوڏ وارو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظ?? اين ڊ?? اي?? اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر ??لائقن ۾ ڏينهن رات جي ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سان ئي ڪم ڪرڻو پوندو.
وزيراعظم پاران ٻوڏ کان متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدمن ۽ متاثرين جي بحالي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ریل رش