لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ خص??صي ماڻهن جي لاءِ سهولتن جي فرا??مي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پنجاب ۾ خص??صي ماڻهن جي رجسٽريشن جي لاءِ نادرا سان حصيداري جو فيصلو ڪيو ويو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ماڻهن جي صحيح ڊيٽا جمع ڪرڻ ضروري آهي، صحيح ڊيٽا هوندي ته خص??صي ماڻهن جي ڀ??ائي جي ڪمن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو. ??در ڊاڪٽر عارف علوي عام اسڪولن ۾ به خص??صي ماڻهن جي تربيت جي حوالي سان جدا ٽيچرز مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خص??صي ٻار خص??صي صلاحيتون رکندڙ هوندا آهن ۽ تربيت سان انهن جون صلاحيتون نکري سگهن ٿيون. هن چيو ته بازارن ۽ مارڪيٽنگ ۾ ريمپس ٺاهي خص??صي ماڻهن جي لاءِ سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد سان خص??صي ماڻهن کي تمام گهڻو ريليف ملندو. خص??صي ماڻهن ڪيترن ئي ميدانن ۾ پنهنجي صلاحيتن ذريعي نمايان مقام حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت جي خص??صي ماڻهن جي لاءِ موثر قدم ساراهه جوڳا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته 2003ع ۾ مون خص??صي ماڻهن جي لاءِ جدا کاتو ٺاهيو آهي. پنجاب ۾ خص??صي ماڻهن جي لاءِ 170 ادارا قائم ڪيا ۽ خص??صي ٻارن جي لاءِ فري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي. پنجاب حڪومت خص??صي ماڻهن جي لاءِ نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪئي آهي، پنجاب جي سمورن ادارن ۾ اکين کان محروم ۽ ٻين معذوري وارن ملازمن جي لاءِ ڪنوينس الائونس وڌايو آهي. پنجاب حڪومت نئين بسلن ۾ به خص??صي ماڻهن جي لاءِ جدا سيٽون مخصوص ڪري رهي آهي. ان موقعي تي سوشل ويلفيئر سيڪريٽري ??در ڊاڪٽر عارف علوي کي خص??صي ماڻهن جي بحالي، تربيت، رجسٽريشن ۽ سهولتن جي فرا??مي جي حوالي سان بريفنگ ڏني. سوشل ويلفيئر واري صوبائي وزير غضنفر عباس ڇينا، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي حسين الاهي، چيف سيڪريٽري عبيدالله سنبل، وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري علي محمد خان ڀٽي، سيڪريٽري سوشل ويلفيئر، سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن ۽ لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
صدر ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي صدارت ۾ وزيراعليٰ آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس