اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ ??اء?? جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ ??اء?? مختصر ۽ وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهي هدايتون هن ملڪ ۾ آبادي بابت مسئلن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيون.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو ته آلودگي جيتوڻيڪ خاموش قاتل آهي، تنهن هوندي به ماضي جي حڪومتن ۾ ماحول جو تحفظ ترجيح نه رهيو هاڻي غفلت جي وڌيڪ گنجائش نه آهي، هن چيو ته اسان کي پنهنج?? وڏن سهرن کي آلودگي کان بچائڻو آهي ڇو ته آلودگي جي ڪر?? وڏي سماجي ۽ معاشي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي. ملڪ جي سمورين ميٽروز جي ??اء?? نيون بسون، اليڪٽرڪ گاڏيون هجڻ گهرجن، اسان کي صنعتن کي پنهنجي يونٽ شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ ماحول جي تحف?? لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ ??اء?? مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم عمران خان پنجاب حڪومت کي سموگ تي ضابطو آڻڻ ??اء?? جامع پاليسي اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم وفاقي ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومتن کي آلودگي کي منهن ڏيڻ ??اء?? مختصر وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع منصوبي تي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايئر ڪوالٽي ڪنٽرول سسٽم جي فروغ جڏهن ته موث?? پابندين سان وڏن صنعتي يونٽس کي شهرن کان ٻاهر منتقل ڪرڻ، گاڏين کي آهستي آهستي اليڪٽرڪ وهيڪل ۾ منتقل ڪرڻ ۽ معياري ٻارڻ استعمال ڪرڻ تي مراعتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته اسان مياواڪي ٻيلن جي طريقي جي ذري??ي پنهنجي شهرن جي وڻڪاري ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا، وزيراعظم ماحول جي تحف?? لاءِ ماڻهن جي رويي ۾ تبديلي ??اء?? وسيع سطح تي عوامي آگاهي جي اهيمت کي به اجاگر ڪيو.
ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي گاڏين، صنعتي يونٽ، فاضل مواد ۽ فصلن کي ساڙڻ بابت بريفنگ ڏني وئي جيڪي آلودگي ج?? وڏو سبب آهن. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص مددگار امين اسلم، خيبرپختونخوا ج?? وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل سينئرن عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب ج?? وڏي وزير عثمان بوزدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.