اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به موجود هئي. صدر ٽوڪيو پيرا اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لاءِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چيڪ به پيش ڪيو. ان موق??ي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو ن??لو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندي?? جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موق??ي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته راندي?? جي نئين پاليسي ۾ خصوصي ماڻهن کي به شامل ڪنداسين.
صدر عارف علوي سان ٽوڪيو پيرا اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ پهريون گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس