اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو، (ن) ليگي قيادت جي پنه??جي معيشت ۽ ڪاروبار ۾ بلڪل بدحالي آئي آهي، وچ مدي وارين چونڊن جي ڳالهيون ڪري (ن) ليگ پنه??جي گراهڪن کي تسليون ۽ پنه??جي ٻڏل سياسي ٻيڙي کي سهارو ڏئي رهي آهي، ڀائي جان بدڪلامي جُون سموريون حدون پار ڪري پنه??جي ذهنيت جي عڪاسي ڪندي ثابت ڪيو ته هو پنه??جي ماءُ، ڀينر ۽ ان جي عزت ۽ توقير کان آگاهه نه آهي، ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪري ڇڏيا آهن جلد ايم ڪيو ايم ٻيهر ڪابينا جو حصو هوندي، ڪرونا وائرس جو علاج ۽ روڪٿام ڪندڙ ملڪن ۾ به ڪرونا وائرس تيزي سان پکڙيو، پاڪستان حفاظتي انتظامن، آگاهي ۽ اسڪريننگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪ فوج جو مڪمل ڍانچو ان عمل ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران مختلف سوالن جا جواب ڏئي رهي هئي.
ملڪي معيشت کي وينٽيليٽر تي ڇڏيندڙن کي عوام پارليامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری