اسلام آباد – 17 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو فاٽا جي مسئلن جي حل لا??ِ سنجيده ڪوشش ڪئي، فاٽا سڌارن جي عمل کي علائقي جي عوام جي خواهشن موجب پڄاڻي تائين پهچايو ويندو. هن اها ڳالهه قبائلي علائقن جي مختلف ايجنسيز سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي صدرن، ن??ئب صدرن جنرل سيڪريٽريز تي ٻڌل وفد سان ??الهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سيفران واري مملڪتي وزير غالب خان ??ري رهيو هو. ملاقات ۾ فاٽا سڌارن، قبائلي علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ علائقي جي لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد سان ??الهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته قبائلي علائقن جي عوام جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو