اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر سرتاج عزيز چيو آهي ته 21 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪا طرفان ڪيل ڊرون حملو بدقسمتي هئي ۽ ان عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد سازي وارن لاڳاپن کي سخت ڌڪ رسيو آهي. هن چيو ته ڊرون حملي جنهن ۾ افغان طالبان جو اڳواڻ ملا م??صور مارجي ويو هو، سان افغانستان ۾ جاري امن عمل پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ان قدم جا ڏور رس اثر ظاهر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪ?? جي انهيءَ ڊرون حملي جي پهلوئن بابت ڪا يقيني ڄاڻ ناهي پر ان حملي ا?? مثبت بجاءِ منفي اثر ٿيندا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمريڪ?? جي دوري ۽ ايٽمي سپلائرز گروپ ۾ شامل ٿيڻ لا??ِ ڪوششن ۽ آمريڪ?? جي ڀارت ڏانهن وڌندڙ لاڙي بابت سوال تي سرتاج عزيز چيو ته ان عمل سان علائقائي اسٽريٽجڪ توازن متاثر ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز