گڏيل قومون -31 جولاءِ (اي پي پي) گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته گڏيل قومون سڀ??ي ڌرين کان وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪرڻ تي زور ڀرين ٿيون. تاس موجب گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جي آفيس گذريل ڏينهن بيان م چيو ته اسان کي 30 جولاءِ جي شام جو بيروت جي اولهه پاسي جي ڳتيل آبادي وارن علائقن تي اسرائيلي فوج جي حملن تي سخت ڳڻتي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. بيان ۾ چيو ويو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرين تي زور ڀريون ٿا ته هو وڌ کان وڌ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ سڀني لاڳاپيل ماڻهن جو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ جو مطالبو ڪيون ٿا. گڏيل ق??من سڀ??ي ڌرين کان عالمي قانو?? تحت پنهنجون ذميواريون پورون ڪرڻ تي به زور ڀريو. واضح رهي ته اسرائيلي فوج 30 جولاءِ تي بيروت جي پسگردائي واري علائقي داحيه تي 4 ميزائل فائر ڪيا هئا جنه?? سان 4 ماڙ عمارت ۽ ٻين ڪيترين ئي پاسي اوسي وارين جاين ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو هو.
گڏيل قومن پاران بيروت ۾ اسرائيلي حملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania