گڏيل قومون-20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس هڪ ڀيرو ٻيهر غزه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته عالمي صحت واري اداري 4 ڏينهن کان ??سرائيلي ڏاڍ جو نشانو بڻجندڙ غزه جي الشفا اسپتال کي ڊيٿ روم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي ٻين ادارن جي عهديدارن به سيڪريٽري جنرل جي ان ??پيل جي حمايت ڪئي آهي، جنهن ۾ غزه جا 23 لک رهواسي خاص طور تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين سبب بي گهر ٿيل 17 لک فلسطينين لاءِ حالتن کي بهتر بنائڻ جو چيو ??يو آهي. سيڪريٽر جنرل طرفان ??اري بيان ۾ چيو ??يو آهي ته هن جنگ ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين جي فوت ٿيڻ جي تعداد ??يران ڪُن ۽ ناقابل قبول آهي. ان فوجي ڪاررواين کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي. مان هڪ ڀيرو ٻيهر انساني همدرديءَ جي بنياد ??ي غزه ۾ جنگبنديءَ جي اپيل ڪريان ٿو. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ واقعن پريشان ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جو قتل الشفا اسپتال ۾ پناهه وٺندڙ هزارين شهرين جون جانيون بچائڻ لاءِ ڀڄڻ، لکين ماڻهن کي بي گهر ڪري ڇڏڻ، سمورن بين الاقوامي قانونن جي وڏي پيماني تي خلاف ورزي ۽ جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
گڏيل قومن جي سربراهه جو هڪ ڀيرو ٻيهر غزاه ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ