گڏيل قومون -25 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي جو اسرائيل فلسطين جنگ جي حوالي سان هنگامي اجلاس (اڄ) خميس 26 آڪٽوبر تي ٿيندو. اي پي پي جي نمائندي مطابق گڏيل قومن جي جنرل اسيمب??ي جي صدر ڊينس ??رانس اهو اعلان ميمبر ملڪن جي نالي هڪ خط م ڪيو آهي. هن چيو ته کيس 19 آڪٽوبر تي گڏيل قومن ۾ اردن جي سفير محمود حمود ۽ موريطانيه جهي سفير سيدي محمد لغداف 10هين هنگامي خاص اجلاس کي جلد کان جلد ٻيهر شروع ڪرڻ جي درخواست ڪئي. هن چيو ته کيس نگارا گوا، روس، شام جي نمائندن سان گڏوگڏ بنگلاديش، ڪمبوڊ??ا، انڊونيش??ا، لاس، ملائيش??ا، مالديپ، اوڀر تيمور، ويٽنام ۽ برونائي جي نمائندن جا پڻ ان حوالي سان خط مليا آهن. هن چيو ته هو اڄ جنرل اسيمب??ي جي ڏهين هنگامي خاص سيشن جي 39 هون مڪمل اجلاس گهرائيندو. ياد رهي ته سلامتي ڪائونسل هن وقت تائين جنگ بابت ڪنهن به قرارداد تي اتفاق ۾ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
اسرائيل فلسطين جنگ، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو هنگامي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea