اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏي تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳ?? ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي سان لتاڙيل رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وز??راعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وز??راعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪ??ي. وز??راعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪ??ي. وز??راعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهلڪارن تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. وز??راعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهلڪارن جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس اهلڪارن ۽ اڄ رينجرز جي اهلڪارن کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وز??راعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وز??راعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏين تي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا