اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا اي ستار سومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر ۾ م??اقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي ۽ پاپوليشن ڪائونسل جي گڏيل سهڪار سان بينظير نشو و نما پروگرام ذريعي عو??تن جي صحت، ٻارن جي پيدائش ۾ م??اسب وقفي ۽ تازن ڄاول ٻارن جي بهتر واڌ ويجهه جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي ٻارن جي غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بينظير نشو و نما پروگرام تحت ڳورهارين عو??تن، کير پياريندڙ مائرن ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ ۽ م??رو?? مالي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت مند ٻارن جي پيدائش کي يقيني بنائڻ لاءِ مائرن جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان عو??تن جي توليدي صحت، ٻارن جي پيدائڻ ۾ م??اسب وقفي ۽ نون ڄاول ٻارن جي سار سنڀال کي بهتر بنائڻ بابت قدمن لاءِ صوبائي ??طح تي صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين سان مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena