اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ارشد نديم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ۽ اڻٿڪ محنت سان پوري قوم جي دل کٽي ورتي ??هي?? جولين ٿرو راند جي اوسر جي لاءِ ارشد نديم جون خدمتون قدر جوڳيون آهن ۽ سندس محنت ۽ لگن نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. وزيراعظم چيو ته مارچ 2024ع ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ارشد نديم سان ملاقات ڪري دلي خوشي ٿي، پاڪستان ۾ بي پناهه ٽيلينٽ ??هي?? ان کي وڌيڪ نکارڻ جي ضرورت ??هي?? حڪومت پاڪستان ۾ عالمي سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي جاري رکندي. وزيراعظم ا??لمپڪس 2024ع ۾ ارشد نديم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم پاران پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس 2024ع جي جولين ٿرو جي مقابلن جي فائنل رائونڊ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج