اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئ??ني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنه??جي جاري ڪيل هڪ ??يڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا ??ڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. ??ڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن جو مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئ?? آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آهي ته پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں