بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪر??ار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائي??ار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي کي چيني سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پا??ان مٿس ڪيل اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل نظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اهم ڪر??ار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائي??ار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چيو ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چين پاڪستان سان پائي??ار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستق?? ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏن??. ٻ??هي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ان سان ٻنهي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.
پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جو اهم ڪردار آهي، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ