آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ??ار شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزاخستان جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل نور سليم علي يرگيلم، آستانه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ??ار قزاخستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ??ندو ?? ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي و?? ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغز جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪلوبايف سان آستانه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آستانه پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil