اسلام آباد- 10 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان منعقد ڪيون آهن، مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي عزم تحت چونڊن جو بندوبست ڪيو ويو، عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي ب??دش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي. جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جي ب??انن کي ڏٺو آهي، انهن بيانن ۾ ناڪاري لهجي تي حيرانگي ٿي آهي، ڪجهه بيان چونڊ عم?? جي پيچيدگي کي نظر ۾ نٿا رکن ۽ نه ئي ڪروڙين پاڪستانين جي ووٽ جي حق جي آزاداڻي ۽ پراجوش استعمال کي تسليم ڪن ٿا، اهي ب??ان ناقابل ترديد حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا. ترجمان چيو ته عام چونڊون پرامن ۽ ڪاميابي سان ٿيون آهن، غير ملڪي اسپانسر ٿيل دهشتگردي کان سيڪيورٽي کي درپيش خطرن کي منهن ڏنو ويو. ترجمان چيو ته ڪجهه بيانن جو حقيقت سان ڪو به واسطو ناهي، سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بندش نه هئي صرف چونڊن واري ڏينهن موبائيل سروس کي ب??د ڪيو ويو ته جيئن ڪنهن به دهشتگردي جي واقعي کان بچي سگهجي. چونڊ مشق ان حوالي سان خدشن کي غلط ثابت ڪيو آهي. پاڪستان پنهنجي واعدي موجب هڪ مستحڪم ۽ جمهوري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ چونڊن جو بندوبست ڪيو آهي. ترجمان چيو ته اسان پنهنجي دوستن طرفان تعميري تنقيد کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، چونڊ عم?? جي تڪميل سان ناڪاري ب??ان نه ته تعميري ۽ نه ئي بامقصد آهن، ترجمان چيو ته پاڪستان متحرڪ جمهوري سياست لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندو. هر چونڊ ۽ اقتدار جي منتقلي اسان کي هن منز?? جي ويجهو ڪندي. هن چيو ته اسان اهو ڪم ڪنهن ٻي جي خدشن سبب نه پ?? پنهنجي عوام جي خواهشن ۽ اسان جي بانين جي ويزن موجب ڪري رهيا آهن.
عام چونڊن بابت ڪجهه ملڪن ۽ تنظيمن جا بيان ناقابل ترديد حقيقن کي نظرانداز ڪن ٿا، انٽرنيٽ جي بندش دهشتگردي کان بچڻ لاءِ هئي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن