لاهور -08 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان انٽرنيٽ ?? موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان موقعي تي شيري رحمان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي جا وڪيل ان معاملي تي ل??هور هاءِ ڪورٽ ۾ به پٽيشن داخل ڪرائيندا. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن انٽرنيٽ ?? موبائيل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي، چونڊن واري ڏينهن ??وب??ئيل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ نامناسب آهي. هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن عوام پنهنجي عزيزن ۽ رشتيدارن سان رابطي کانسواءِ پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽن سان رابطو رکڻو هوندو آهي، جيڪڏهن انٽرنيٽ ?? موبائيل سروس بند هوندي ته پولنگ ايجنٽس پ??هنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. هن چيو ته اسان جو سڄو ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ تي آهي، تنهن ڪ??ي اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري انٽرنيٽ سروس ?? موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪرائي، امجد حسين ايڊووڪيٽ ۽ ملائيڪه رضا به ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا.
شيري رحمان پاران انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس جي بندش خلاف اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ پٽيشن داخل
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino