بيجنگ-29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي ٻڌل 3 مهينن جي ڊگهي گڏيل نمائش چي?? جي شهر شينزن جي ميوزيم آف هسٽري اينڊ فوڪ ڪلچر ۾ جاري آهي، ان جو مقصد گنڌارا ثقافت جي دلڪشي ۽ چي?? ۽ اوڀر ايشيا تي ان جي گهرن اثرن کي پيش ڪرڻ آهي. چي??ي ويب سائيٽ چائنا اڪنامڪ نيٽ (سي ??ي اين) موجب شينزن ميوزم، پاڪستان جي آثار قديمه ۽ عجائب گهر جي کاتي ۽ چي?? جي پيلس ميوزم جي انتظام هيٺ گنڌارا هيريٽيج الانگ دا سلڪ روڊ جي عنوان سان نمائش 24 مارچ 2024ع تائين جاري رهندي. نمائش ۾ مجموعي طور تي 203 ثقافتي نوادرات پيش ڪيا ويا آهن جن ۾ پاڪستان جي ست عجائب گهرن جا 173 ۽ پيلس ميوزم جا 30 نمونا شامل آهن. پاڪستان کان آيل نمونا بنيادي طور تي آثار قديمه جي کوٽائي مان حاصل ٿ??ا آهن جن ۾ ٻڌ مت جا مجسما، گنڌارا جي پٿر جي ڪم جا تعميراتي جزا ۽ سون ۽ چاندي جون مختلف شيون شامل آهن، جيڪي گنڌارا آ??ٽ جي انداز کي ظاهر ڪن ٿيون. پيلس ميوزم کان ٻڌ مت جا مجسما بنيادي طور تي قديم گنڌارا جي علائقي سان تعلق رکن ٿا ۽ قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي تبت جي محلن ۾ داخل ٿ??ا، هي چي?? ۽ پاڪستان وچ ۾ ثقافتي ۽ فني مٽاسٽا جي ڊگهي تاريخ کي اجاگر ڪن ٿا.
پاڪستان ۽ چين جي گنڌارا ثقافتي نوادرات تي 3 مهينا ڊگهي گڏيل نمائش شينزن ۾ جاري، 203 نوادرات پيش
مضمون کا ماخذ : estratégias para lotomania