اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي موسمياتي تبديلي?? جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ توانائي جي موثر استعمال ۽ پائيدار طريقن کي اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان حوالي سان روين ۽ ترجيحن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر ۾ ”گ??ين پريزيڊنسي آف پاڪستان“ پراجيڪٽ جي حوالي سان هڪ تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته قابل تجديد توانائي جي ذريعن تي منتقلي، توانائي جو موثر استعمال ۽ ٻيل?? جي بحالي زمي?? جي آبهوا ۽ ماحولياتي نظام تي پوندڙ منفي اثرن کي روڪڻ جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿي. هن چيو ته جديد دنيا بدلجندڙ ترجيحن ۽ روين سان خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي جنهن کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کي محدود ڪرڻ جي لاءِ روڪڻ ضروري آهي. گ??ين پريزيڊنسي آف پاڪستان هڪ اهم قدم آهي جنهن تحت توانائي جي بچت ۽ ڪارڪردگي جي قدم?? جي موثر لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ميگاواٽ جو سولر فوٽوولٽڪ ??سٽ?? هنيو ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان قدم جي نتيجي ۾ ايوان صدر پاران توانائي جي استعمال ۾ 42.5 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. اها توانائي جي بچت 3144 ٽن گ??ين هائوس گئس?? جي گهٽتائي يا 142090 وڻ لڳائڻ جي برابر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته سڄي دنيا جي 129 منصوبن مان پاڪستا?? جي گ??ين پريزيڊنسي پراجيڪٽ کي ”انٽرنيشنل انرجي پراجيڪٽ آف دي ايئر 2023ع“ جي باوقار ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. هن ايسوسيئيشن آف انرجي انجنيئرز آمريڪا جي 2023ع جي بهت??ين عالمي توانائي پراجيڪٽ آف دي ايئر ايوارڊ سان گڏ اعتراف تي به ٿورا مڃيا. هن دنيا ۾ امن کي فروغ ڏيڻ ۽ جنگي?? جي حوصلا شڪني تي پڻ زور ڏنو جيڪو گلوبل وارمنگ کي گهٽ ڪرڻ ۾ دنيا جو ڌيان هٽائڻ جو هڪ وڏو سبب آهي. هن چيو ته ڪارب?? جي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان کڻڻو پيو جيڪا گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي?? جي ڪري آئي. هن چيو ته 20 هين صدي جي وچ تائين ماڻهو بي پناهه ??سيل?? جي باوجود قدرتي وسيل?? جي استعمال جي حوالي سان حساس هئا پر هاڻي ترجيحون تبديل ٿي چڪيون آهن ۽ وڌيڪ وسيلن جو استعمال شروع ڪيو ويو. هن چيو ته نبي ڪريم ﷺ به پنهنجي زندگي ۾ قدرتي وسيلن کي انتهائي احتياط سان استعمال ڪرڻ جي تعليم ڏني. صدر نشاندهي ڪئي ته موسمياتي تبديلي جي ڏس ۾ دنيا کي صاف توانائي جي استعمال تي منتقلي جي سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويندا ۽ ٽيڪنالاجيز تيار ڪيون وينديون انهن جا جاگرافيائي سياست، جنگلي حيات، خوراڪ جي پيداوار ۽ انساني ڪوشش?? جي اٽڪل هر شعبي تي گهرا اثر پوندا. هن چيو ته فن تعمير سميت ڪيترن ئي شعبن جون ڌريون توانائي جي موثر استعمال ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي قدرتي وسيل?? جي اهميت ۽ موسمياتي تبديلي?? جي اثرن کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ به قدم کڻڻ گهرجن. ان کان اڳ صدر پراجيڪٽ ڊائريڪٽر، پراجيڪٽ جي سربراهه ۽ اينگرو، هواوي ۽ اوساڪا لائٽس جي نمائندن کي پراجيڪٽ ۾ انه?? جي تعاون تي سووينيئرز ڏنا. ان موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ايسوسيئيشن آف انرجي انجنيئر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر بل ڪينٽ چيو ته ايسوسيئيشن چار ڏهاڪن کان انهن ماڻهن ۽ تنظيمن کي توانائي جي موثر استعمال جي حوالي سان انه?? جي ڪوششن کي تسليم ايوارڊ ڏئي رهي آهي. هن پراجيڪٽ گ??ين پريزيڊنسي جي ٽيم کي ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني ته انه?? جي ڪوششن سان ايوان صدر ۾ توانائي جي 42 سيڪڙو کان وڌيڪ بچت هڪ شاندار ڪاميابي آهي. مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل انرجي ايفيشنسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (اين اي سي اي) چيو ته 2030ع تائين 60 سيڪڙو قابل تجديد توانائي پيدا ڪرڻ جي مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ 50 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي.
موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ توانائي جي موثر استعمال ۽ پائيدار طريقن کي اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ ان حوالي سان روين ۽ ترجيحن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز