اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي ??رب??ت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ عرب ناول جا جديد رجحان“ جي موضوع تي علامه اقبال اوپن يونيور??ٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪا??فرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. ڪا??فرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيور??ٽي ۾ هي ڪا??فرنس هڪ منفرد ۽ اهم ترين موضوع تي آهي جنهن کي منعقد ڪ??ڻ تي يونيور??ٽي جي وائيس چ??نس??ر ۽ پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي ڪا??فرنس وڏي اهميت واري آهي ۽ باقي ڪا??فرنسن کان بلڪل منفرد آهي، جديد عربي ناول سان اسان جا ماڻهو اڻواقف آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيور??ٽي جي وائيس چ??نس??ر پروفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ڪ??نفرنس ۾ شرڪت تي تعليم واري وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته تعليم وارو وفاقي وزير پاڻ هڪ ڄاتل سڃاتل علمي شخصيت آهي، تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سندس تعارف ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. وائيس چ??نس??ر چيو ته سڄي دنيا جا اسلامي اسڪالرز ان ڪا??فرنس ۾ شريڪ آهن جيڪي پنهنجي تحقيقي مقالن ذريعي عرب معاشري جي حقيقي تصوير ڪشي ڪندا. ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته عرب جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي ٻولي تمام وسيع آهي جنهن سبب عرب معاشرو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. افتتاحي سيشن کي عالمي يونيور??ٽي جي فيڪلٽي آف عربي ٻولي جي سينئر استاد، پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الرحمان عاصم، اوپن يونيور??ٽي جي فيڪلٽي آف عربي و علوم اسلاميه جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محي الدين هاشمي، عربي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالمجيد بغدادي به خطاب ڪيو. پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ڪا??فرنس جون سفارشون پيش ڪيون وينديون. ڪا??فرنس جو بندوبست يونيور??ٽي جي عربي شعبي (ڪليه عربي و علوم اسلاميه) ڪيو هو. هن ڪا??فرنس ۾ عراق، سعودي عرب، مراڪش، مصر، اردن، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، عمان، الجيريا، نائيجيريا ۽ شام جي 13 اسڪالرن فزيڪلي جڏهن ته 15 انٽرنيشنل اسڪالرز آن لائن شريڪ ٿيا.
عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری