اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي معاشري مان عدم برداشت جي خاتمي ۾ فلمن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چي?? آهي ته سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون، فلمن جو نه رڳو پراڻي ??ر موجوده دور ۾ به تاريخي ڪردار رهيو ??هي، سٺيون فلمون تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو سيکارين ٿيون، اسان جو نوجوان نسل ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيو ??هي، نوجوانن کي سکڻ جو عمل جاري ۽ پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وومين يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ ”ٻئي نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول 2023ع“ جي ايوارڊ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير چي?? ته نقش ڊيجيٽل فلم فيسٽيول فاطمه جناح يونيورسٽي جي هڪ اهم ڪوشش آهي، فلمن جو نه رڳو پراڻي ??ر موجوده دور ۾ پڻ اهم تاريخي ڪردار آهي. هن چي?? ته سٺيون فلمون اخلاقيات سيکارڻ سان گڏوگڏ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جو طريقو پڻ سيکارين ٿيون. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته اسان جا نوجوان ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻي رهيا آهن، نوجوان سکڻ جي ان عمل کي جاري رکن. هن چي?? ته فيسٽيول ۾ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي سان يو ??ين ايف پي اي سميت ٻين عالمي ادارن جي حصيداري ڏسي خوشي ٿي. هن چي?? ته پي ٽي وي قومي نشرياتي ادارو آهي جيڪو ان عظيم فيسٽيول ۾ حصيدار آهي. ??طل??عات واري نگران وفاقي وزير فيسٽيول ۾ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته رنرز اپ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چي?? ته نوجوانن کي پنهنجي تنقيدي صلاحيتن کي زندهه رکڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان مشڪل صورتحال مان گذري رهيو ??هي، اسان کي معاشري ۾ ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻو پوندو. هن چي?? ته ايونٽ کي ڪامياب بڻائڻ تي فاطمه جناح يونيورسٽي ۽ ٻين حصيدارن جا ٿورائتا آهيون، ??طل??عات واري وزارت جا دروازا نوجوانن جي لاءِ سدائين کليل آهن، ??طل??عات واري وزارت فاطمه جناح يونيورسٽي سان هر ممڪن تعاون ڪندي.
سٺيون فلمون معاشري جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔