اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جي اجلاس ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتين، پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ، ??شت??ارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار، پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار تي غور ڪيو ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪمي??ي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ڪمي??ي جي ڪنوينر سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي دائره اختيار ۾ ايندڙ ڪيترن ئي م??ام??ن تي جامع بحث ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي پي بي سي ۾ ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ٿيندڙ 53 نئين ملازمن جي چونڊ جي عمل جي ح??الي سان پڇاڻو ڪيو. ڊي جي پي بي سي ڪميٽي کي پي بي سي جي آءِ ٽي سيڪشن ۾ افرادي قوت جي شديد کوٽ بابت آگاهه ڪيو. ڪميٽي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري کي چيو ته هو انهن 53 ڪيسز جي جاچ جي لاءِ ڪمي??ي جوڙي. اطلاعات واري سيڪريٽري انهن ڪيسز جو جائزو وٺڻ ۽ ڪميٽي کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ان کانسواءِ اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري 6 سيپٽمبر 2023ع تي ڪمي??ي جي گذريل اجلاس دوران اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذيلي اداري پاڪستان سيڪيورٽي پرنٽنگ ڪارپوريشن پرائيويٽ لميٽيڊ کي پي بي سي جي زمين ليز تي ڏيڻ جي ح??الي سان ڏنل سفارشن تي تعميل جي رپورٽ فراهم ڪئي. ڪميٽي ان م??ام??ي جي ح?? ٿيڻ تائين وزارت تي زور ڏنو ته ڪمي??ي جي هر اجلاس ۾ باقاعده اپ ڊيٽ فراهم ڪئي وڃي. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ??شت??ارن جي ورڇ جي طريقيڪار، درجابندي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معيار بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان م??ام??ي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پي آئي ڊي عملدارن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جا 450 ادارا پي آئي ڊي جي ذريعي ??شت??ار جاري ڪن ٿا ۽ مخصوص ٽي وي چينلز جي ناظرين جو اندازو هڻي اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا. چيئرمين ??شت??ارن جي ورڇ جي لاءِ شفاف طريقيڪار قائم ڪرڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ غيرجانبدار بورڊ جوڙڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن سان ??شت??ارن جي غيرجانبدراڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪميٽي پريس ڪائونسل آف پاڪستان (پي سي پي) ۽ نيشنل پريس ٽرسٽ (اين پي ٽي) جي ڪردار ۽ ڪم بابت پڻ پڇاڻو ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پي سي پي وٽ هن وقت چيئرپرسن موجود نه آهي جنهن جي ڪري ڪائونسل غيرموثر آهي. پي سي پي جي چيئرپرسن جي مقرري جي تجويز صدر کي پيش ڪئي وئي آهي. ڪميٽي پي سي پي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ نئين ايڪٽ يا ترميمن جي ضرورت تي زور ڏنو. سينيٽر عرفان صديقي نيشنل پريس ٽرسٽ جي غيرفعال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ اجلاس ۾ ان جي ڍا??چي، ڪردار ۽ فعاليت بابت تفصيلي بريفنگ جي درخواست ڪئي. نيشنل پريس ٽرسٽ جي وقتي چيئرمين ٻڌايو ته نيشنل پريس ٽرسٽ 2019ع کان بنا چيئرمين جي ڪم ڪري رهيو آهي، 9 پراپرٽيز جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي، ان جا اٽڪل 23 ملازم اسلام آباد، ڪراچي، لاهور ۽ ملتان ۾ مقرر آهن. اهڙي طرح پيمرا جي چيئرمين پيمرا جي پاليسي ۽ معاشري جي لاءِ نقصانڪار مواد جي ح??صلا شڪني ۾ پيمرا جي ڪردار بابت ڪميٽي کي آگاهه ڪيو. هن واضح ڪيو ته پيمرا وٽ پري سينسرشپ پاليسي نه آهي، هن ڊرامي جي مواد جي نگراني ڪندڙ بنيادي باڊي ”ڪائونسل آف ڪمپلينٽس“ جي غيرفعالي کي اجاگر ڪيو. سينيٽر عرفان صديقي ڪائونسل آف ڪمپلينٽس کي فعال بڻائڻ ۽ پيمرا جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل شعبن مان ناليوارن ماڻهن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي ڊرامي جي مواد جي موثر طريقي سان نگراني ڪرڻ جي لاءِ شڪايت ڪائونسل کي بحال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ سينيٽر وقار مهدي، عرفان صديقي ۽ لال دين شرڪت ڪئي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ظهور احمد کانسواءِ پيمرا چيئرمين، ڊي جي پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۽ ڊي جي پي آئي ڊي سميت ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.
سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون