اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب د??لت مشترڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پاڪستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ د??لت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزير?? ۽ ????لت مشترڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات متوقع آهي. پاڪستان د??لت مشترڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي ٿي رهيو آهي. بيان موجب پاڪستان ن??جو??نن کي معاشي طور ??ي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعني?? مشغوليت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور ??ي جڏهن د??لت مشترڪه ۽ حڪومت پاڪستان 2023ع تي ن??جو??نن جي سال جي طور ??ي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ رٿيل 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس ۾ 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد