اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، چترال جي عوام کي وڌيڪ اونداهين ۾ نه ٿا رکي سگهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ چترال ۾ بجلي ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ سطحي اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ پاور واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، پاور واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چترال مان نويد الرحمان، شهزاده افتخارالدين، عبدالولي خان، نياز احمد، شوڪت ملڪ، محمد وسيم، حاجي غفار خان، اسفند يار خان، منير احمد، منظور احمد، عمران الملڪ، محب الرحمان، سلامت خان، جاويد وزير، طارق نصير، محمد اعظم خان، ظفر حيات، مولانا عبدالرحمان، انعام الله، رحمت ولي شاهه ۽ خواجه راجا امان الله شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي چترال ۾ لوڊشيڊنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جا ٻوڏ دوران چترال جي متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چترال جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ لاڳاپيل عملدار?? کي فوري طور تي قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته چترال جي بجلي جي مسئلن جي حل ۾ وڌيڪ دير ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندس. وزيراعظم هدايت ڪئي ته توانائي وارو وزير ۽ پاور وارو سيڪريٽري پشاور ۾ ان تي اج??اس ڪري جلد مو?? کي رپورٽ ڏين. چترال ۾ بجلي جي فرسوده پهچ نظام کي تبديل ڪري فوري طور تي جديد سسٽم لڳايو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاور واري وزارت خيبرپختونخواهه انرجي ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن سان گڏجي فوري حڪمت عملي طئي ڪري. چترال ۾ ترقياتي منصوبن ۽ حڪومتي ادارن ۾ مقامي ماڻه?? کي ترجيحي بنيادن تي نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته چترال ۾ انفراسٽرڪچر جي مسئل?? کي فوري حل ڪيو وڃي، ٻوڏ سٽيل?? کي ملندڙ امد??د تي فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پٺتي پيل علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻه?? کي هڪ جهڙي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
چترال ۾ لوڊشيڊنگ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن