اسلام آباد-26 سيپٽ??بر (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن ??ي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي ر??يا آهيون. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ضلعن ۾ روزاني جي بنياد تي هيلٿ ڪئمپون لڳائي ر??يا آهيون. هيلٿ ڪئمپون وفاقي ايمرجنسي آپريشن سينٽر پوليو صوبائي ايمرجنسي پوليو سينٽرز ۽ آغا خان جي سه??ار سان لڳائي ر??يا آهيون. هن چيو ته گذريل ڏينهن سنڌ، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 44 جڏهن ته ڪي پي ڪي جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪئمپس لڳايون ويون، اهڙيءَ طرح پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 4، بلوچستان جي 7 ضلعن ۾ 13 ۽ سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 11 هيلٿ ڪئمپون لڳايون ويون. مجموعي طور 5644 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته 5 سالن کان گهٽ عمر جي 1262 ٻارن ??ي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته هيلٿ ڪئمپس ۾ 705 ٻارن ??ي پوليو جا ڦڙا پياريا ويا ۽ انهن ڪئمپن ۾ 222 ٻارن ??ي حفاظتي ٽُڪا پڻ لڳايا ويا.
ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ عملي قدمن کي يقيني بڻائي رهيا آهيون: عبدالقادر پٽيل
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری