نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? آهي ته گڏيل قومن جي منشور، اصولن تي پنهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري ??هي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان ??چڻ بابت گڏيل قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چي?? ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪاميابي سان ??الثي ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چي?? ته تڪرارن جي روڪٿام ۾ گڏيل قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏيل قومن جو منشور بحران ??ي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرارن جي ڪنهن به مرحلي تي سلامتي ڪائونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرارن جي حل جي مناسب طريقيڪار يا طريقن جي سفارش ڪري ??گهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چي?? ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت سلامتي ڪائونسل جي ڌرين کي حل جي شرن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان ??ي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرارن جو جاري ??هڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام کي خطري ۾ وجهي سگهن ٿا، سلامتي ڪائونسل ان ??نيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن چي?? ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي پنهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري ??هي. پرڏيهي وزير چي?? ته سيڪريٽري ??نرل جو امن جي لاءِ سفارتڪاري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سفارتڪاري ??ي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي تڪرارن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چي?? ته جيتوڻيڪ گڏيل قومن کي تڪرارن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ سلامتي ڪائونسل فيصلو ڪيو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري ??ريقي سان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري ??ي ذريعي ڪيو ويندو، سلامتي ڪائونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي مڪينزم به قائم ڪيا، انهن ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان ??ابت ڪميشن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪستان ۽ ڪيترن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري ??امل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ??اهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ سيڪريٽري ??نرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي استعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪري ??گهجي، ان ??ڪرار بابت سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ سلامتي ڪائونسل کي سيڪريٽري ??نرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان کي هن گروپ جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي.
گڏيل قومن جي منشور موجب رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان