اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد چيو آهي ته عورتون اسان جي ملڪي آبادي جون اڌ کا?? وڌيڪ آهن، انهن کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، حڪومت عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته عورتن کي نظرانداز ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پنهنجي اڌ آبادي کا?? ڪم وٺي رهيا آهيون، ان لاءِ عورتن کي نه رڳو گڏ وٺي هلڻ ضروري آهي پر انهن کي اهڙو بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان اهي قومي ڌارا ۾ شامل ٿين. هن چيو ته جڏهن مون سروس شروع ڪئي ته 185 جي بيچ ۾ اسان صرف 9 عورت آفيسر هيونسين، هاڻي جيڪي بيچز اچي ??هي??ن آهن انهن ۾ سئو کا?? وڌيڪ عورتون هونديون آهن، حڪومت چاهي ٿي ته ملڪ جي اڌ کا?? وڌيڪ آبادي کي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، هن چيو ته عورت هجڻ جي ناطي آئون عورت آفيسرن جي مشڪلن کي چڱي طرح سمجهان ٿي، عورتن جي نمائندگي هر سطح تي هجڻ گهرجي، عورتون ٻنين ۽ گهرن کا?? وٺي هر ميدان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ??هي??ن آهن ۽ اڪثر انهن جي صلاحيتن ۽ ڪردار جو اعتراف نه ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن انهن جي خدمتن جو اعتراف ڪيو وڃي ته انهن جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انهن جي حوصلا افزائي ٿيندي. هن چيو ته موجوده حڪومت عورتن کي انهن جا وراثتي ۽ ٻيا حق ڏيارڻ ۽ معاشي طور تي انهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تمام ??هڻ?? ڪم ڪيو آهي.
عورت کي نظرانداز ڪري ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي: اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز