اسلام آباد – 28 ج??وري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامين?? جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پارليامينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ جديد ترين آءِ ٽي ٽولز سان ليس ڪيو وڃي، لاڳاپيل ادارا منصوبي کي ترجيح ڏين ۽ وڌيڪ دير کان بچڻ لاءِ وقت سر فيصلا ڪن. هو ايوان صدر ۾ سائبر ايفيشينٽ پارليامينٽ بابت صدارتي قدمن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪ??ي رهيو هو، اجلاس ۾ سيني?? جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ حڪومت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پراجيڪ?? جي اسٽيئرنگ ڪميٽي اجلاس کي منصوبي جي موجوده صورتحال ۽ ان ۾ شامل مختلف عمل جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪميٽي هڪ مقرر وقت جي اندر منصوبي کي عمل جامو پارائڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪ??ي رهي آهي، پراجيڪ?? جي اهميت تي روشني وجهندي صدر چيو ته اي سلوشنز پارليامين?? جي ڪارڪردگي کي نمايان طور تي وڌائڻ سان گڏوگڏ قانونسازي جي ڪم کي فوري طور تي اڪلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته شفافيت آڻڻ ۽ گورننس ۽ سرڪاري ادارن جي جوابدهي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪاري کاتن جي ڊجيٽل تبديلي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
صدر پاران پارليامينٽ جي ڊجيٽل تبديلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو