اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته درست عدالتي رپ??رٽنگ کانسواءِ عدليه جو وقار ۽ عوام جي بنيادي حقن جو تحفظ ممڪن نه آهي، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافي ملڪ ۾ ذميداراڻي صحافت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اها ڳالهه هن ملاقات لاءِ آيل پريس ايسوسي اي??ن آف سپريم ڪورٽ جي وفد سان ڳالهائيندي چئي.
اطلاعات واري وزير پريس ايسوسي اي??ن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته عدالتي رپ??رٽنگ جي اهميت داخل ڪيل ڪيسن جيتري آهي، ڪيس داخل ٿيڻ کان پهرين درجنين معاملن ۾ عدالتون ميڊيا رپ??رٽس تي پاڻمرادو نوٽيس وٺنديون آهن. هن چي?? ته غلط ۽ غير محتاط عدالتي رپ??رٽنگ سان نه رڳو عوام درست اطلاع جي حق کان محروم رهندي آهي پر قانون جي بالادستي ۽ عدليه جو وقار به متاثر ٿيندو آهي. وفاقي وزير چي?? ته عدليه جو احترام سڀني تي لازمي آهي، جن خبرن تي عدليه نوٽيس وٺندي آهي انهن خبرن جو حقيقي هجڻ ضروري آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته قانوني صحافت ۾ صحافت ۽ قانون ٻئي شامل هوندا آهن، عدليه جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي تربيت ضروري آهي، ان ڏس ۾ حڪومت صحافتي تنظيمن سان گڏجي لائحه عمل جوڙيندي.
وفاقي وزير چي?? ته صحافين کي ترجيحي بنيادن تي صحت ڪارڊز فراهم ڪري رهيا آهيون. ملاقات دوران اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پريس ايسوسي اي??ن آف سپريم ڪورٽ جي وفد جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل جي خاطري ڪرائي. وفد ۾ پريس ايسوسي اي??ن آف سپريم ڪورٽ جو صدر راجا محسن اعجاز ۽ سيڪريٽري جنرل عديل سرفراز سميت ٻيا ميمبر شامل هئا.