اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ ع??لي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو، هن پنهنجي خطبي ۾ چيو ته ربيع الاول جي مقدس مهيني جو گهرج آهي ته حضور صهﷺ جي تعليم ۽ ان جي حيات طيبه جي ع??لي سبقن مان رهنمائي حاصل ڪندي پنهنجي ڀرپاسي جي ماڻهن جي تربيت جو اهتمام ڪيو وڇي. هن چ??و ته حضور صه ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لا??ِ راهه مشعل آهي، مسلمانن جي لا??ِ لا??مي آهي ته هو ڪنهن جي لا??ِ تڪليف جو باعث نه بڻجن. هن معاشري ۾ نفرت تي ٻڌل روين کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي الله جي مخلوق سان احسان ۽ بهترين سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي. اسان جي نبي حضرت محمد ﷺ رستي جون رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ ماڻهن جي لا??ِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لا??ِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لا??ِ ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر