اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪستان جي سفي?? احمد علي سروهي پاڪستان سان غيرمعمولي سهڪار جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ??ڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪستان سان سهڪار جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن ??اڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فري??ڊز آف پاڪستان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ??رڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ??نهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ??اڻهن کي ڀرپور خراج تحسين ??يش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفي?? احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن ??لاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ??رڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن ??اڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
نائيجر ۾ پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي پاران هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ عطا
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی