اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي، ان تي تشدد ڪري قانو?? جون ڌڄيون اڏايون ويون، سنڌ حڪومت جو رويو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي جي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، سنڌ حڪومت قانو?? جو احترام ڪري، حليم عادل شيخ سان جهڙي طرح جو رويو اختيار ڪيو ويو آهي اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر، بي باڪ ۽ عمران خا?? جو سپاهي آهي، اسان ان معاملي کي اسيمبلي سميت هر پليٽ فارم تي اٿار??ند??سين، جيستائين پئسي جي سياست آهي، جمهوريت مضبوط نه ٿيندي ۽ نه ئي معيشت، گهٽ تعداد جي باوجود پ پ پ ڪهڙي بنياد تي سينيٽ اليڪشن کٽڻ جي دعويٰ ڪري رهي آهي، ٿرپارڪر ۾ ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي هراسان ڪيو ويو آهي، ڊسڪه ۾ اليڪش?? جو فيصلو جيئ?? جو تيئن تسليم ڪنداسين، (ن) ليگ ماڊل ٽائون ۽ فيصل آباد مان تشدد جي سياست متعارف ڪرائي، ڌمڪي، طاقت ۽ لالچ جي سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، جمهوريت جا اصل ثمر حقيقي نمائندن جي ذريعي سامهون اچي سگهندا، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت عملي قدم کڻي رهي آهي، پي ٽي آءِ نه پر ٻين پارٽيون تشدد جي سياست شروع ڪئي، ڪي پي ڪ?? ۽ نوشهره ۾ پرامن چونڊون ٿيون، تشدد جي ڪ??چر کي تبديل ڪنداسين، اليڪٽرانڪ ووٽنگ متعارف ڪرائڻ جو جائزو وٺي رهيا آهيون. اهڙن خيال?? جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪ??و. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سنڌ حڪومت پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت حيلم عادل شيخ سان جيڪو به رويو اختيار ڪيو، اهو مذمت جوڳو آهي، اهو اسان کي 70ع جي ڏهاڪي طرف وٺي وڃي ٿو، حليم عادل شيخ پاڪستان تحريڪ انصاف جي بهادر ۽ بي باڪ سنڌ اسيمبلي ميمبر، مخالف ڌر اڳواڻ ۽ عمران خا?? جو سپاهي آهي، سنڌ حڪومت جي نااهلين ۽ ڪرپشن جي نشاندهي تي سندس فارم هائوس کي منع نامي باوجود ڪيرايو ويو، حليم عادل شيخ تي حملو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو، سنڌ حڪومت پوليس جي اختيارن کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو.
حليم عادل شيخ کي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ نااهلي جي نشاندهي تي سزا ڏني پئي وڃي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج