اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پاڪستان جي عوام کي رليف جي فراهمي، پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زميني ??قي??تن موجب جامع ڊيٽا هر زندگي جي شعبي بابت فيصلاسازي ۾ مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستان جي ڳڻپ واري اداري جي دوري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وفاقي وزير کي ڳڻپ واري ڊويزن جي عملدارن پاران ضروري شين جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ڊيٽا سان ڳنڍيل هجي، جامع ڊيٽا سان ضروري شين جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي سگهندو، بار ڪوڊنگ سان اسمگلنگ جي ??وڪ??ام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته جامع ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجيڪل، افرادي قوت سميت هر ??ري??يڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ڊيٽا، انتظامي معا??لن کي و??يڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.
وزيراعظم جي ويزن جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔