رام الله-07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني اٿارٽي جي صدر محمود عباس اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر طور فلسطين جي موقف جي حمايت ڪندو. پرڏيهي ميڊيا موجب ??هڙو اظهار محمود عباس ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيون ڀيرو آمريڪي صدارتي چونڊون کٽڻ تي ??بارڪن واري پيغام ۾ ڪيو. فلسطيني صدر پنهنجي مبارڪن واري بيان ۾ ان اعتماد جو به ذڪر ڪيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته صدر طور اوهان جي قيادت ۾ آمريڪا فلسطينين جي آزاد رياست جي قيام لاءِ فلسطينين جي جائز ۽ قانوني موقف جي حمايت ڪندو. بيان ۾ اها به اميد ظاهر ڪئي وئي ته ڊونلڊٽرمپ آزادي واري حق، حق خودارا??يت ۽ بين الاقوامي قانون موجب ??زاد فلسطيني رياست لاءِ فلسطيني عزم ??ي توثيق ڪندو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا