واشگٽن – 26 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر ڪم??ا هيرس غزه جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ڏيندي صدر جوبائيڊن جي ابتڙ سخت لهجو اختيار ڪندي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري. اي ايف پي مطابق اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري بيان ۾ ڪم??ا هيرس چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو ??قت اچي چڪو آهي. ڪم??ا هيرس امڪاني طور ايندڙ صدارتي چونڊ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هوندي. ڪم??ا هيرس غزه ۾ انساني بحران جي حوالي سان سخت لهجي ۾ کلي نموني ڳالهائيندي چيو ته گذريل 9 مهينن دوران غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو تباهي پکيڙيندڙ آهي. آمريڪي نائب صدر چيو ته اسان وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ڏکيائين جو شڪار ٿيڻ تي پاڻ کي بي حس ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ هو مستقبل ۾ ان تي خاموش نه رهنداسين. هن فلسطيني رياست جي قيام جو ??طالبو به ڪيو ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ ڌرين کي يرغمالين جي آزادي جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪم??ا هيرس واضح ڪيو ته هوءَ غزه تي اسرائيل جي ف??ج جي موجودگي مان مطمئن ناهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي: آمريڪي نائب صدر
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena