رياض-24 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي وڻڪاري بابت قومي مرڪز ۽ مدينه گورنريٽ جي سهڪار سان م??تلف هنڌن کان 50 سال پراڻن 8 قديم وڻن کي البيضا پارڪ ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد پراڻي ??ڻن جو تحفظ ۽ انهن جي بهتر سارسنڀال ڪرڻ آهي. اردو نيوز موجب پراڻن وڻن کي منتقل ڪرڻ جي قدمن ۾ ماحوليات جي تحفظ جي ٽاسڪ فورس ٽيمن به خصوصي طور شرڪت ڪئي. گڏيل ٽيمن م??يني شريف جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز پارڪ کان 5 جڏهن ته الفريش قريه کان 3 پراڻن وڻن کي مديني شريف شهر کان ٻاهر البيضا جي علائقي جي پارڪ ڏانهن منتقل ڪيو. منتقلي کان اڳ ??با??ات جي معاملن جي مخصوص ٽيمن سمورن وڻن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ انهن جي عمر ۽ نسل جو تعين ڪرڻ کانپوءِ کين ٻي هنڌ تي منتقلي جي منظوري جاري ڪئي.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino