غزه -20 نومبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد ٿي وي?? آهن، جنهن بعد شهيد ٿيل صحافين جو مجموعي انگ 48 ٿي ويو آهي. سعودي نشرياتي اداري مطابق اسرائيل جي فوج جي حملي ۾ صحافي ۽ غيرسرڪاري تنظيم پريس هاس فلسطين جي بورڊ جي سر??راه بلال جاد الله شهيد ٿي ويو جڏهن ته اسرائيل جي فوج طرفان مهاجر ڪيمپ تي حملي د??ران فري لانس صحافي حسونه سليم ۽ ساري منصور البوريج پڻ حياتي وڃائي ويٺا. نيويارڪ ۾ موجوده ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) مطابق 6 هفتن کان جا??ي ويڙهه ۾ هاڻي تائين 48 صحافي شهيد ٿي چڪا آهن. سي پي جي طرفان جاري فهرست ۾ شامل صحافين ۾ رائيٽرز جو صحافي اعصام عبدالله پڻ شامل آهي، جيڪو 13 آڪٽوبر تي اسرائيل جي سر??د وي??هو لبنان ۾ مارجي ويو هو. انگن اکرن مطابق مارجي ويل صحافين جي فهرست ۾ 43 فلسطيني، 4 اسرائيلي ۽ هڪ لبناني شامل آهن.
غزه ۾ اسرائيل جي فوج جي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 3 صحافي شهيد، انگ 48 ٿي ويو
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش