ٽوڪيو_22 نومبر(اي پي پي) جاپان يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ ڌماڪيدار سرنگهن جو پتو لڳائيندڙ اوزار ۽ گاڏيون يوڪرين جي حوالي ڪيون آهن، ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين ۾ جاپان ??ي سفير ماستودا ڪوني نوري، پرڏيهي معاملن جي نائب وزير تسوجي ڪيوتوو ۽ معيشت ۽ صنعت جي وز??ر ??يواتاڪازو چيڪا سان گڏ يوڪرين جا عملد??ر پڻ ان تقريب ۾ موجود هئا، ان موقعي تي تسوجي چيو ته شهرين کي محفوظ رکڻ ، صنعتن ۽ ماڻهن جي روزگار ۽ نئين سر تعمير لاءِ ڌماڪيدار سرنگهن ۽ ڦاٽڻ کان رهجي ويل گولن کي هٽائڻ ضروري آهي، جاپان جي عالمي تنظيم ، جائيڪا جا عملد??ر پڻ انهن اوزارن کي يوڪرين جي اسٽيٽ ايمرجنسي سروس جي فراهمي واري عمل ۾ شريڪ هئا.
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب