باڪو-02 مارچ (اي پي پي) غير وابسته تح??يڪ جي چيئرمين ۽ آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف ڪووڊ- 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز پيش ڪئي آهي ته جيئن عالمي سطح تي قدمن جي باري ۾ تفصيلي سفارشون پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غير وابسته تح??يڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آذربائيجان ضرورتمند غير وابسته تح??يڪ جي آفريقا سميت مختلف ملڪن کي م??لي ۽ انساني امداد فراهم ڪندو رهندو. سربراهي اجلاس ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ غير وابسته تح??يڪ جي تقريبن 70 ملڪن جي اعليٰ قيادت ۽ حڪومت جي ميمبرن شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدر اهو اعلان پڻ ڪيو ته آذربائيجان پهرين ڊونر طور هڪ ملين ڊالر مختص ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وبا جي آغاز کان فورن بعد غير وابسته تح??يڪ ڪووڊ – 19 جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي م??حرڪ ڪرڻ جي لاءِ اڳرائي ڪئي. هن چيو ته آذربائيجان 80 کان وڌيڪ ملڪن کي ڪورونا وائرس بابت مالي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي. هن چيو ته وبائي بيماري 2030ع جي پائيدار ترقياتي هدف لاڳو ڪرڻ تي ناڪاري اثر پيا. آذربائيجان جي صدر چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ 2030ع جي ايجنڊا کي پورو ڪرڻ لاءِ عالمي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ گهرجي. صدر چيو ته عالمي ڪوششن جو مقصد انصاف ۽ عالمي قانونن جو دفاع ڪرڻ آهي. هن خودمختياري، قومي ملڪيت، برابري ۽ گڏيل فائدي جي احترام جي اصولن تحت ڏکڻ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڀريو. غير وابسته تح??يڪ جي چيئرمين چيو ته آذربائيجان غير وابسته تح??يڪ جي اداره جاتي ترقي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته آذربائيجان غير وابسته تح??يڪ جي پارلياماني نيٽ ورڪ ۽ تح??يڪ جي يوٿ آرگنائزيشن جي قيام جو آغاز ڪيو، هن چيو ته اسان جو مقصد اداره جاتي استحڪام پيدا ڪرڻ ۽ انهن ميمبرن لاءِ هڪ ڪامياب ميراث ڇڏڻ آهي جيڪي آذربائيجان کانپوءِ چيئرمين شپ سنڀاليندا. هن چيو ته 120 ميمبرن سان غير وابسته تح??يڪ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کانپوءِ ٻيو وڏو عالمي ادارو آهي. صدر عليوف چيو ته عالمي سلامتي جو ڍانچو جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان موجود آهي، هن وقت ڊرامائي تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ گهڻ رخي عمل داءُ تي لڳل آهي، هن چيو ته عالمي قانون جي اصولن کي نظرانداز ڪرڻ سان عالمي نظام کي وڌيڪ خطرا درپيش آهن. هن چيو ته خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ رياستن جي اندروني م??املن ۾ مداخلت جا وڌيڪ واقعا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اهم عالمي تنظيمن جي فيصلن تي يا عمل نه ڪيو ويندو آهي يا وري سليڪٽيو ايپروچ ۽ ٻٽو معيار لاڳو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته گڏيل قومن کانپوءِ ٻيو سڀ کان وڏي عالمي اداري طور غير وابسته تح??يڪ کي عالمي ميدان ۾ وڌيڪ واضح ۽ موثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ نئين عالمي نظام جي نئين سر جوڙجڪ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. هن گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد تي به زور ڀريو ۽ تجويز پيش ڪئي ته سلامتي ڪائونسل جي جوڙجڪ کي وڌيڪ نمائنده ۽ جاگرافيائي طور تي وڌيڪ منصفاڻو بڻائڻ لاءِ وڌايو وڃي، سلامتي ڪائونسل جي ڪجهه قراردادن تي ڪجهه ڏينهن ۾ عملدرآمد ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به آذربائيجان جي م??املي ۾ آرمينا سلامتي ڪائونسل جي چار قراردادن کي نظر انداز ڪيو جنهن ۾ تقريبن 30 سالن کان آذربائيجان جي علائقي م??ن پنهنجي هٿياربند فوج جي فوري ۽ غير مشروف واپسي جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته 2020ع ۾ آذربائيجان پاڻ فوجي سياسي طريقن سان پنهنجي علائقائي سالميت ۽ تاريخي انصاف کي بحال ڪيو ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي لاڳو ڪيو. صدر عليوف چيو ته شايد هي گڏيل قومن جي قيام کانپوءِ دنيا جو پهريون ڪيس هو، هن چيو ته آذربائيجان پنهنجي م??لي وسيلن مان آزاد ڪرايل علائقن ۾ وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جو ڪم ڪيو، آذربائيجان حڪمت 2022ع-2021ع ۾ نئين سر تعمير جي ڪم لاءِ تقريبن 4 بلين ڊالر خرچ ڪيا آهن، هن سال اسان ان مقصد لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 1.7 بلين ڊالر مختص ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. هن چيو ته غير وابسته تح??يڪ کي هڪ مستقل سيٽ ڏيڻ گهرجي ۽ تح??يڪ جي سربراهه جي عهدي تي فائز ملڪ کي اها سيٽ واري واري سان ملڻ گهرجي. هن اها تجويز پيش ڪندي تح??يڪ جي ميمبر ملڪن سان ان معاملي تي م??اورت شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته اسان سلامتي ڪائونسل ۾ آفريقا لاءِ مستقل سيٽ مختص ڪرڻ جي به حمايت ڪريون ٿا. صد?? الهام عليوف آذربائيجان جي موقف جي حمايت ڪرڻ ۽ 2020ع ۽ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪطرفي ۽ متعصب آذربائيجان مخالف بيانن کي منظور نه ٿيڻ تي غير وابسته تح??يڪ جي ملڪن جي واکاڻ ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر ڪسابا ڪروسي چيو ته ڪورونا وبائي م??ض دنيا کي سيکاريو ته ڪو به ان وقت تائين محفوظ ناهي جيستائين سڀ محفوظ نه هجن، ڇاڪاڻ ته اسان جي سرحدن کي بند ڪرڻ ۽ انفرادي قدم کڻڻ ڪافي ناهن، هن وبائي م??ض مان نڪرڻ جو واحد رستو نه رڳو سرحدن جي اندر پر ان کان ٻاهر به يڪجهتي آهي.
غير وابسته تحريڪ جي سربراهي سطح جي رابطا گروپ جو اجلاس، تحريڪ جي چيئرمين الهام عليوف جي ڪووڊ – 19 سبب دنيا تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي ازالي ۽ بحالي لاءِ گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي پينل جي قيام جي تجويز
مضمون کا ماخذ : números quina hoje